سومرو، آفتاب

سومرو، آفتاب

آفتاب سومرو

آفتاب سومرو : آفتاب احمد ’آفتاب‘ ولد محمد اسحاق سومرو 11 آڪٽوبر 1956ع ۾شڪارپور ويجهو مريد سيٺار ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس تعليمي قابليت ايم. اي سوشيالاجي، ايم. اي (انگري) ۽ ايل. ايل. بي آهي. آفتاب سـومـري جـونيئر اسڪول ٽيچر (J.S.T) جي حيثيت سان سرڪاري نوڪريءَ جو آغاز ڪيو، بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي حيدرآباد ۾ انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ ’اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيشنل بوڪ فائونڊيشن‘ مقرر ٿيو، جنهن سلسلي ۾ ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ به خدمتون سرانجام ڏنائين. سندس ٽي ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) مزدڪ جي ملڪ ۾ (سفرنامو)، (2) ايران جو سفرنامو (اردو)، (3) بيجنگ ڪي بازارون سي بئنڪاڪ ڪي بازارون تڪ (اردو ۾ سفرنامو). هي ’سماج سڌار تحريڪ‘ جو باني ميمبر، ’سامي ريسرچ سوسائٽيءَ‘ جو باني ميمبر، ’پروگريسو ٿنڪرس فورم‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو سرگرم ڪارڪن رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ آفتاب سومرو ’شعور‘ رسالي جو ايڊيٽر، ’نئين دنيا‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر ۽ ’روشن خيال‘ رسالي جو ٻانهن ٻيلي به رهي چڪو آهي. اڄڪلهه سچل سرمست تي تحقيق ڪري رهيو آهي. گڏوگڏ اسلام آباد ۾ نيشنل بوڪ فائونڊيشن ۾ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي خدمتون پڻ سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.10.11  عيسوي

آفتاب احمد ’آفتاب‘ ولد محمد اسحاق سومرو 11 آڪٽوبر 1956ع ۾شڪارپور ويجهو مريد سيٺار ڳوٺ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسماعيل شاهه بخاري
حاجي محمد سمون
شميم آرا
رضوي سيد بلال شاهه
اخلاق حسين
وڪرم شهاڻي
احمد حسن داني
چچ پٽ سيلائج برهمڻ
ايشوري جوتواڻي 2
ساڌو هيرانند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون